اسڪارپ کاتي جي نااهلي سبب زمينون بنجر بڻجي ويون

صوڀوديرو (مظهر علي مڱڻيجو) اسڪارپ کاتي  جون ڪيتريون ئي  ٽيوب ويلون ناڪاره بڻجي ويون جڏھن ته ڪجھ سالن کان خراب ٿيل ٽيوب ويلن جي مرمت توڙي مالڪي نه ٿيڻ ڪري  صوڀوديرو جي مختلف علائقن ۾ سم ۽ ڪلر ٿيڻ ۾ اضافو ٿيڻ ڪري هزارين  ايڪڙ زرعي  زمينون بنجر بڻجي ويون جڏھن ته ٽيوب ويلن کي سنڀالڻ لاءِ مقرر ٿيل ٽيوب ويل آپريٽر چوڪيدار ۽ ٻيو عملو سالن کان غائب آبادگار پريشان ٽيوب ويلن جو ڪو به والي وارث ناھي. چوڪيدار توڙي ٽيوب ويل آپريٽر مسلسل غائب هجڻ ڪري ڪيترن ئي ٽيوب ويلن جا موٽر توڙي بجلي جا  ٽرانسفارمر خراب ٿي چڪا آهن جنهن جي ڪري علائقي جا آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

اسڪارپ کاتي جون لڳايل ٽيوب ويلون سڳيون، قريشي، مير جي ڇھي، مٺو لڪ، اڌل منڱڻيجو، چڪروارياسو توڙي ٻين هنڌن تي سرڪار پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان  لڳايل سوين ٽيوب ويلون لاوارث هجڻ توڙي انهن ٽيوب ويلن جي مرمت ڪرڻ لاءِ ساليانو ايندڙ ڪروڙين روپيا هڙپ ٿيڻ تي هتان جي آبادگارن  توڙي  سياسي سماجي ڌرين ۾ سخت تاءَ پکڙيل آهي. آبادگارن سنڌ سرڪار، اسڪارپ کاتي جي اعليٰ آفيسرن توڙي وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته نااهل اسڪارپ کاتي جي ڪامورن  کي هٽائي اسان کي ڏنل سرڪاري ٽيوب ويلون بحال ڪري ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو