قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جا ڇنڇر تي رٿيل اجلاس ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نامعلوم سببن ڪري اوچتو اسپيڪر اسد قيصر قومي اسمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي سينيٽ جا ڇنڇر تي سڏايل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. ڇنڇر تي رٿيل اجلاسن ۾ آرمي ايڪٽ، نيوي آرڊيننس، ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻي هئي. هاڻي ٻنهي ايوانن جا اجلاس سومر تي شام جو ٿيندا. اوچتو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو ڪو به سبب ناهي ڄاڻايو ويو. جماعت اسلامي ۽ جميعت علما اسلام (ف) آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت قانون سازي جي کلم کلا مخالفت ڪئي هئي. قومي اسمبلي جي اهم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گرفتار 4 ميمبرن جي حاضري لاءِ اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا هئا. جن ۾ مسلم ليگ (ن) جي شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه سعد رفيق ۽ پيپلز پارٽي جو سيد خورشيد احمد شاهه شامل آهن. نيب کي هدايت ڪئي وئي آهي ته کين ڇنڇر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي. ڇنڇر تي عام طور تي اجلاس نه ٿيندو آهي پر آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت قانوني سازي لاءِ اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ چيئرمين جوائنٽ چفس آف اسٽاف ڪميٽي جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 سال کان وڌائي 64 سال ڪرڻ ۽ سندن ملازمت ۾ واڌ جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ بابت قانون سازي ڪئي ويندي. ان بابت جمعي تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي وڏين جماعتن ۾ اتفاق ٿي ويو هو جنهن بعد وزير دفاع قومي اسمبلي ۾ آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي قانونن ۾ ترميم جا بل پيش ڪيا هئا. جيڪي قومي اسمبلي ۽ سينٽ جي دفاع بابت خصوصي ڪميٽي کي موڪليا ويا جنهن منجهند بعد ٿيل اجلاس ۾ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڇنڇر تي اهي بل قومي اسمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو