اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف بک هڙتالي ڪئمپ قائم

شهدادڪوٽ(شاهد اعواڻ ) شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، ليڊي ڊاڪٽر، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف ٽن ڏينهن لاء پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن زاهد مگسي، فاروق سومرو، عمران خشڪ، داد محمد کنڊ، سجاد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان 3 ڏينهن لاء علامتي بک هڙتالي شاميانه هڻي ڪئمپ قائم ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقه اسپتال ۾ ڪنهن به شعبي جو ماهر ڊاڪٽر ۽ نه ئي ڪا ليڊي ڊاڪٽر موجود آهي جنهن ڪري ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ماڻهون بغير علاج جي واپس وڃن ٿا، هنن چيو ته شهدادڪوٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي واقعي 4 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر آهي جنهن جي اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت موجود نه آهي هنن چيو ته اسپتال ايمرجنسي جي صورت ايندڙ مريضن ۽ زخمين کي فرسٽ ايڊ به مشڪل سان ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڪري ڪافي انساني جانيون ضايع ٿيو نآهن هنن صوبائي صحت کاتي کان مطالبو ڪندي چيو اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن، ليڊي ڊاڪٽر، دوائن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس وٺي انهي کي پورو ڪري شهرين ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي صحت جي بنيادي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو