اسپتال عملي کي پوليس جي سلامي جو سلسلو جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻين شهرن جيان پوليس آفيسرن جي حڪم تي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتالن جي عملي کي پوليس سندن ڪورونا وائرس جون مناسب سهولتون نه هئڻ باوجود بهتر انتظام ڪرڻ، آئسوليشن وارد قائم ڪرڻ، هر وقت ڊيوٽي تي موجود رهڻ جي جذبي تي کين سلامي پيش ڪئي وئي.

مٺي مان لياقت نهڙيو موجب ايس ايس پي ٿرپارڪر جي ھدايت تي پوليس اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊڪ عملي کي سلامي پيش ڪئي. ***اسلام ڪوٽ مان صادق بجير موجب اسلام ڪوٽ جي پوليس عملدارن پاران رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت فرض ادا ڪرڻ تي سلامي ڏني وئي. عملي پوليس جو ٿورا به مڃيا. هوڏانهن ٿر جي ماڻهن لاڪ ڊائون دوران هڪ ويلو پنهنجا چلهه ٻارڻ لاءِ  بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جاري ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو