اسپتال عملي پاران ڊي ايڇ او تي انتقام جو الزام

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو)آءِ ايڇ ايس جي انتظام ھيٺ ھلندڙ گورنمينٽ اسپتال ڪورونا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ واري نازڪ صورتحال ۾ وڏي بحران جي ور چڙهي وئي آهي. اسپتال ۾ قائم ڪيل آئسوليشن وارڊ جو انچارج ۽ ڪورونا وائرس جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر راڪيش مبينا طور بيمار ٿيڻ سبب گذريل ڏينهن کان اسپتال ڇڏي پاڻ کي نامعلوم ھنڌ تي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ذاتي حفاظتي سامان نه ملڻ ڪري کيس ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون آهن جنهن لاءِ انتظاميا کي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ نمونا وٺڻ جي گهر ڪئي آهي پر اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي. ھوڏانھن اسپتال ۾ مقرر ٻين ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي به گائون، ھينڊ گلوز، فيس ماسڪ ۽ سينيٽائيزر کان وٺي ٻيو ڪو به ذاتي حفاظتي سامان نه ملڻ جون دانهون ڪندي ڊيوٽين جي بائيڪاٽ ڪرڻ سميت وڏي احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر امداد علي گهانگهرو چيو ته اسان جي اسپتال کي ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد اطھر علي شاھ ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري رھيو آھي، هن صحت کاتي طرفان اسپتال لاءِ موڪليل 6 ڊاڪٽرن جي مقرري نه ڪئي ويتر ھن اسان جا ڊسپينسر ۽ ليبارٽري ٽيڪنيشن بدلي ڪري ڇڏيا آهن. ھن الزام هنيو ته ڊي ايڇ او ڪجهه سال اڳ رتوديرو جي اسپتال جي اکين واري شعبي مان 40 لکن جي مشين کڻي ويو هو، ھو مون کان جونيئر ھو ۽ مون معاملي جي انڪوائري ڪرائي مشين واپس ڪرائي ھئي. ھاڻي ڊي ايڇ او ان معاملي تي منهنجي اسپتال کان انتقام وٺي رھيو آھي. ھوڏانھن اسپتال جي اھڙي صورتحال سبب اتي ايندڙ مريضن کي علاج جي گهربل سھولتن جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري کين تڪليفون برداشت ڪرڻيون پئجي رهيون آهن پر اعلي اختيارين معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو