اسپتال عملي جو ڪورونا کان بچاءَ جي سامان ڏيڻ لاءِ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ ڪورونا جهڙي خطرناڪ وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪ عملي کي حفاظتي گائون، ڪٽس، گلوز، سينيٽائيزر سميت ڪا شئي فراهم ناهي ڪئي وئي. عملي ۾ خوف آهي ته هو پاڻ ئي غير محفوظ آهن ته ٻين جو علاج ڪيئن ڪندا. ڪروڙين روپين جي ماهوار بجٽ وارين اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون ميسر ناهن. سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ اسپتالن جي عملي تنگ ٿي احتجاج جو سهارو ورتو ته جيئن وڏي وزير ۽ صحت جي وزير جو ڌيان ڇڪائي سگهجي ته هو مداخلت ڪري مسئلو حل ڪن. ***رتوديرو مان عطاءُ الله بروهي موجب ڪرونا وائرس جي خطري سبب تعلقه اسپتال رتوديرو جي ڊاڪٽرس ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ هينڊ واش سينيٽائيزر ۽ گائون نه ملڻ خلاف ايم ايس  ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ۽ آءِ ايڇ ايس جي ضلعي انچارج خلاف اسپتال کي تالا هڻي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو . ان موقعي تي ڊاڪٽر لطف علي چانڊيو ڊاڪٽر حافظ سراج احمد ملغاڻي ظهور احمد ڀٽو نورالحق ڊومڪي احمد بخش جوڻيجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي جنهن سبب سنڌ جي اندر مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي ان باوجود به اسين پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائي رهيا آهيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊاڪٽرس ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ماسڪ گلوز سينيٽائيزر ۽ احتياطي ڪٽ به نه ڏني وئي آهي جنهن جي ڪري اسين ايمرجنسي ۾ آيل مريضن کي ڪيئن تپاسيون جڏهن ته اسان وٽ ڪا به سهولت ميسر نه آهي هنن چيو ته اسپتال جي سالياني پنج ڪڙور بجيٽ هجڻ باوجود ڪا به سهولت موجود نه آهي.  هنن صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه کي اپيل ڪندي چيو ته هتان جي ڪرپٽ آفيسرن کي هٽائي اسان کي ڪرونا وائرس کان بچاءَ  لاء ضروري سامان مهيا ڪري ڏنو وڃي ته جئين اسين بغير ڪنهن خوف جي عوام جي خدمت ڪري سگهون. *** نوشھرو فيروز مان منظور ملڪ موجب پاڪستان پيرا ميڊڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن خادم حسين مستوئي اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو عبدالجبار ڪنڀر حزب الله راڄپر صداقت سومرو سيد شاھزيب شاھه ميوارام ساقي بشير احمد لاشاري ۽ ٻين پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪورونا وائرس سبب اسان جو اسٽاف ھاءِ رسڪ تي ڪم ڪري رھيو آھي.

ملڪ جي ٻين صوبن مضبوط حڪمت عملي ذريعي صحت جي ملازمن کي وائرس کان بچڻ لاءِ حفاظتي سامان ڏيئي ھيلٿ الائونس ۽ رسڪ الائونس به ڏئي ڇڏيو آھي پر سنڌ حڪومت ابتي گنگا وارو ڪم ڪري پيراميڊيڪل ملازمن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪري ڇڏي آھي جيڪا وڏي ناجائزي آھي ھڪ ملڪ ۾ ٻٽو قانون ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين اڳواڻن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته تمام ھيلٿ ملازمن جي مفت ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وڃي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ مڪمل حفاظتي ڪٽ مھيا ڪئي وڃي هيلٿ کاتي جي ملازمن جي پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي واپس ڪئي وڃي اسٽاف کي ھاءِ رسڪ الائونس ،ھيلٿ پروفيشنل الائونس ھڪ بنيادي پگھار برابر ۽ سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو