اسٽيل مل پورهيتن جي جبري برطرفين خلاف ريلي

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي) اسٽيل ملز جي پورهيتن پاران جبري برطرفين خلاف انصاف جو علامتي جنازو کڻي ريلي ڪڍي وئي.ايمپلائيز يونين جي سڏ تي سوين پورهيتن شوڪت ڪورائي، عاصم ڀٽي، اڪبر ناريجو، نسيم حيدر، جواد سيٺار ۽ اڪبر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌ عوامي سٿ جي اڳواڻ شاعر مهر ڊٻائي ۽ رياض کيمٽيو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.ريلي اسٽيل ٽائون رهائشي ڪالوني جي مختلف ھنڌن تان ٿيندي اسٽيل ملز جي چيئرمين هائوس اڳيان پهتي، اسٽيل ملز جي پورهيتن انصاف جو کنيل جنازو دفن ڪيو.جتي اڳواڻن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت انصاف ڪرڻ بدران پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن سميت ملڪ جي لکين پورهيتن جو روزگار داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. اسٽيل ملز قومي ادارو آهي ان جي تباهي تي سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت اسٽيل ملز جي پورهيتن کي بيروزگار ڪري اسٽيل ملز ۽ هزارين ايڪڙ ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ چاهي ٿي، اسٽيل ملز قومي اثاثو آهي، ان کي تباهه ڪيو پيو وڃي پر اسٽيل ملز جي هزارين پورهيتن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه وينداسين، اسان جو احتجاج جبري پورهيتن کي ختم ڪرڻ ۽ اسٽيل ملز جي بحالي تائين جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو