اسٽيل ملز مان ملازمن جي برطرفي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (شهزادو مستوئي) اسٽيل ملز جي ساڍا 4 هزار ملازمن جي برطرفي وارو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.  برطرف ملازمن درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اسٽيل ملز انتظاميا ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو آهي. درخواست ۾ ملازمن جي برطرفي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ اسٽيل ملز جي زمين بابت جاچ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير سعيد غني اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي ملازمن سان گڏ آهي، ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جلد هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، وفاقي سرڪار آڏو به ملازمن جا پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته نا اهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت ملازمن کي بيروزگار ڪري رهي آهي. اڳ ۾ اسد عمر جيڪو واعدو ڪيو ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو