اسٽيج اداڪارا جي گاڏي تي فائرنگ، پاڻ محفوظ

لاهور(ويب ڊيسڪ)اسٽيج اداڪارا شيزا بٽ جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، گوليون لڳڻ سبب ڪار کي نقصان پهتو پر شيزا بٽ محفوظ رهي. پوليس موجب نصير آباد واري علائقي ۾ اسٽيج اداڪارا شيزا بٽ جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس شيزابت جي ڀاءُ راشد علي جي فرياد تي ٻن نامزد ۽ ٻن اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر ۾ الزام آهي ته جوابدار عبدالحميد عرف مٺو بٽ ۽ رائو ذوالفقار شيزا بٽ کي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ کين موبائيل فون تي ڌمڪيون ڏنيون.  سي سي پي او لاهور واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو