اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سياست کان پري رهي، مراد شاهه جو چتاءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي وارننگ ڏيان ٿو ته سياست ۽ ڊراما بند ڪري، وفاق جو سنڌ حڪومت سان جهيڙو آهي ته مون سان وڙهي. ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڪامورن جون خدمتون وفاق حوالي نھ ڪيون وينديون، آفيسرز کي اُبتا سُبتا خط لکي پريشان ڪرڻ بند ڪيو وڃي. سيد ناصر شاهه، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ  چيو تھ سنڌ ۾ سياسي يتيمن جي چوڻ تي آفيسرز کي شوڪاز نوٽيسز جاري ٿين ٿا، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي چوان ٿو ته ڊراما بند ڪريو، وفاقي سرڪار روٽيشن پاليسي جي بهاني سان سنڌ ۾ گورننس کي خراب ڪرڻ گهري ٿي. اڄ به وفاق مان 47 آفيسرن کوٽ آهي، رولز موجب وڏي وزير جي صلاح کانسواءِ ڪنهن به صوبي مان آفيسر مقرر يا بدلي نه ڪيا ويندا آهن. هي فيڊريشن جا ملازم آهن وفاقي حڪومت جا ملازم نه آهن. جيڪي ڄاوا سنڌ ۾ کائڻ سنڌ جو ٿا اهي سنڌ خلاف سازش ڪري رهيا آهن. اسان جو مسئلو هر ان فرد سان آهي جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ۽ هن ملڪ ۾ جمهوريت کي نقصان پهچائي ٿو. هنن ڌانڌلي خلاف ٺاهيل قاعدن جي ڪيتري پرواهه ڪئي؟ اڳ ۾ آر ٽي ايس ۽ هاڻي اي ووٽنگ مشين ذريعي ڌانڌلي جي رٿا بندي ڪن ٿا. گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر زرداري چيو هو ته ان جو ميوو ڪو ٻيو کائيندو ان ۾ نئين سوچ جي طاقت آهي. هن چيو ته اسان کي اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ تي اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو جرمنيءَ ۾ ويهن سالن کان رهي رهيو آهي ۽ اُتي نيشنل بڻجي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي 35 اعتراض اٿاريا، اهو جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيو ويو، اسان کي اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ تي اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو جرمنيءَ ۾ ويهن سالن کان رهي رهيو آهي ۽ اُتي نيشنل بڻجي ويو آهي ۽ جيڪڏهن هن شخص سان خراب تعلق آهي ته ان جو بدين جي عوام جي مستقبل سان ڪهڙو تعلق؟ اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون وڃن مان به ڪجهه وقت لاءِ اوورسيز پاڪستاني آهيان، منهنجا ڪيترائي دوست به پرڏيهه ۾ آهن ۽ مان انهن سان ڳالهائيندو رهيس، انهن کي پاڪستان جي معاملن جي ڪا به خبر ناهي، 9 لک خاندان اوورسيز پاڪستاني آهن، ٽيهه سيڪڙو ماڻهو جن کي ملڪ جي خبر به نه آهي، اهي پنهنجي ووٽ سان ملڪ تي اثرانداز ٿيندا. اها ڳالهه ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو