اسٽيبلشمينٽ حڪومتي ڌر هئڻ وارو تاثر ختم ڪري، بلوچ

شڪارپور/سکر (نمائندن وٽان) مرڪزي نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان لياقت بلوچ چيو آهي ته پاڪستان الله جي نعمت آهي جيڪو قيامت تائين قائم رهندو، تبديلي ۽ نئين پاڪستان جو نعرو فراڊ، معاشي،سياسي ۽ اخلاقي تباهي جو سبب بڻيو آهي، وقف املاڪ بل ۽ انسداد گهريلو تشدد بل ملڪ جون پاڙون کوٽڻ ۽ خانداني نظام کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽي ساله ڪارڪردگي تي اسٽيبلشمنٽ کي پنهنجو ڌُر هئڻ وارو رويو ختم ڪرڻ گهرجي، جماعت اسلامي نظرياتي، جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو عزم رکي ٿي. ڪشمير جي آزادي کان وٺي پاڪستان جي قيام واري نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي  نشان ساهميءَ ۽ انقلابي منشور جي آڌار تي پنجاهه لک ووٽ حاصل ڪرڻ وارو هدف پورو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪارپور ۽ سکر ۾ جماعت اسلامي جي 80 هين يومِ تاسيس وارن جلسن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ ملڪي سياست ۾ هڪ طاقتور  مُهرو بڻجي چڪيڪ آهي، موروثي ۽ مفاد پرست سياسي جماعتون ملڪ ۽ پنهنجي پارٽين اندر به احتساب، ميرٽ ۽ جمهوريت نٿيون چاهين. سياست کي پئسي جي راند بڻايو ويو آهي، جڏهن سياسي جماعتون عالمي ۽ مقامي اسٽيبلشمنٽ جي آڏو سجده ريز ٿينديون ته پوءِ پارليامينٽ ۽ اسيمبليون رٻڙ اسٽيمپ ۽ عوام جا حق غضب ٿيندا رهندا. افغانستان جي عوام کي پنهنجي بهتر مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو پورو حق ملڻ گهرجي،افغانستان ۾ امن هوندو ته ملڪ خوشحال ۽ سڄي خطي تي ان جا اثر پوندا، آمريڪا ۽ دنيا کي هاڻي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته طاقت ۽ سياست گڏ نٿيون هلي سگهن. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ قبول ڪرڻ بدران هڪ جونئير جج کي سپريم ڪورٽ ۾ جج قبول ڪيو ويو جنهن تي وڪيل برادريءَ سراپا احتجاج آهي، عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد لاءِ اسان اڄ وڪيل برادريءَ سان گڏ آهيون ۽ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، اسان سُپريم ڪورٽ کي اپيل ڪنداسين ته هوءَ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي جسٽس احمد علي شيخ کي سُپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪري. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن، زرعي پاڻي ڪي گهٽتائي، صحت، تعليم جي سهولتن جي اڻهوند، جزيرن تي سودي بازي، ڪراچي -سکرموٽروي نه ٺهڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿئي ٿي. پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ “ عوام کي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” واري پاليسي تي عمل پيرا آهن هاڻي اها راند گهڻو دير نه هلي سگهندي. ستر جي ڏهاڪي کان پيپلزپارٽي سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رهي آهي پر اڄ به سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان به محروم آهن، هڪ منصوبي تحت ٻهراڙي ۽ شهري علائقن جي عوام کي تقسيم ڪيو ويو آهي، مهاجر ۽ سنڌي جي بنيادي تي ماڻهن ۾ نفرتون پيدا ڪري سندن حقن کان محروم ڪيو ويو آهي جنهن جو واحد علاج عشق مصطفىﷺ آهي جيڪو سڀني کي متحد ڪري سگهي ٿو. جماعت اسلامي پاڪستاني سياست کي امانت، ديانت، خدمت، شرافت ۽ جرت سان عزت بخشي آهي، اسان ٻين پارٽين وانگر رڳو ڳالهيون نه بلڪه عملي ڪم ڪري ڏيکاريندا آهيون، ٻه ڀيرا سيئنر وزير رهڻ وارو سراج الحق، ڪراچي جو سابق مئير عبدالستار افغاني، نعمت الله خان سميت پوري قيادت جو ڪم ۽ ڪردار قوم جي سامهون آهي. ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي چيو ته تحريڪ پاڪستان جو نعرو هو ته پاڪستان جو مطلب ڇا لا اله الا الله پر موجوده تبديلي حڪومت ۽ مديني جي رياست جي دعويدارن وقف املاڪ ۽ گهريلو تشدد بلِ ذريعي غيرن جي ايجنڊي کي پورو ڪري رهيا آهن، گهريلو تشدد بلِ اسلام ۽ قرآن وسنت جي خلاف ٺاهيو ويو آهي، ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو، ضلعي امير سلطان لاشاري، عبدالرحمن منڱريو پڻ خطاب ڪيو. اسٽيج تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو