اسمبلي ۾ گوڙ، پي پي عورت وزير کي هيڊ فون هنيو، واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير مراد سعيد، عذير بلوچ جو اعترافي بيان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، مراد سعيد جي تقرير دوران پيپلز پارٽي جو احتجاج ۽ گوڙ، پ پ ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، پ پ ايم اين اي نصيبه چنه وفاقي وزير مراد سعيد کي هيڊ فون اُڇلائي هنيو جيڪو هن کي نه لڳو، مراد سعيد چيو ته سنڌ حڪومت ۽ علي زيدي جِي جي آءِ ٽيز ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته عذير بلوچ جا سهولتڪار اقتدار ۾ ويٺا هئا، راجا پرويز اشرف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا وزير اسانجي قيادت تي تنقيد ڪري ڄاڻي واڻي چيڙائن ٿا جيئن اسين به وزيراعظم جي بيعزتي ڪريون . هن چيو ته وزير سوالن جا جواب نٿا ڏين، ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ بابت ڌيان ڌريو نوٽيس جي جواب ۾ عمر ايوب ماضي جي حڪومتن کي ذميوار قرار ڏنو، ٻه سال ٿي ويا آهن ڪيستائين هي جان ڇڏائيندا رهندا. قومي اسيمبلي کي قيادتن تي الزام لڳائڻ، هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ يا چماٽون هڻڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي وزيراعظم جي بي عزتي ڪرائڻ گهرن ٿا، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم جيڪا حڪومت جو حصو آهي انهن ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو