اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيزن 6 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪولن منروني 88 ۽ افتخار احمد 71 رنسن جي اننگز کيڏي.اسلام آباد يونائيٽيڊ 191 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. افتخار احمد مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. يونائيٽيڊ 12 پوائٽن سان پهرين پوزيشن تي آهي. پي ايس ايل 6 جي 22هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي کٽڻ جي لاءِ 191 رنسن جو حدف ڏنو هو.ڪراچي ڪنگز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اووز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون هيون. عالمي شهرت ماڻيندڙ رانديگر بابر اعظم 54 بالن تي شاندار 81 رنسن جي اننگز کيڏي. ان جي اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا به شامل هئا.نجيب الله زدران به بابر اعظم جو ساٿ ڏنو ۽ 71 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. شرجيل خان 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته مارٽن گپٽل 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. تهسارا پريرا بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. 

پهنجو تبصرو موڪليو