اسلام آباد جاحڪمران وڃڻ وارا آهن، بلاول وزيراعظم ٿيندو، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران وڃڻ وارا آهن ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نئون وزيراعظم هوندو. اهڙو اظهار هن ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ مهانگائي ۽ وفاقي سرڪار خلاف پيپلزپارٽي جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.  وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا ارسطو چون ٿا ته مهانگائي وڌڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان چئون ٿا ته اهڙيون ڳالهيون پنهنجي گهر ۾ سنڀالي رکو ۽ اسان جي جان ڇڏيو. مهانگائي مان بيزار عوام توهان کي اسلام آباد ۽ اقتدار جي ايوانن مان پاڻ ئي ٻاهر ڪڍي وٺندو. مراد علي شاهه چيو ته جيڪا کنڊ 50-55 روپيا في ڪلو ملندي هئي اها هاڻي 110 روپين کان وڌيڪ اگهه تي ملي رهي آهي، پيٽرول في ليٽر 140 روپين تائين پهتو آهي ۽ حڪمرانن کي عوام جي اهنجن جي ڪا به پرواهه نه آهي. وڏي وزير چيو ته عوام کي تباهه ڪندڙ حڪمران وڃڻ وارا آهن ۽ اسان جو هنن کي اهو ئي پيغام آهي ته توهان وڃڻ وارا آهيو ۽ توهان کي گهٻرائڻو نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته حڪمرانن کي شرم وچان ٻڏي مرڻ لاءِ پاڻيءَ جي لپ به نه ملندي. وڏي وزير چيو ته اسان جي اليڪشن چوري ڪئي وئي هئي ۽ اسان پنهنجو ڦريل حق واپس وٺي رهنداسين، پيپلزپارٽي جي سڄي ملڪ ۾ حڪومت قائم ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو. وڏي وزير مراد علي شاهه احتجاجي مظاهري ۾ مهانگائي ۽ وفاقي حڪومت خلاف لڳندڙ نعرن جا جواب به ڏنا ۽ پاڻ به بلاول جي حمايت ۾ نعرا هڻايا.

پهنجو تبصرو موڪليو