اسلامي دنيا معياري تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تي ڌيان ڏئي، عمران

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي مڪه سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي دنيا کي معياري تعليم، اعليٰ پائي جي يونيورسٽين جي قيام ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تي ڌيان ڏين گهرجي. اقوام متحده کانپوءِ دنيا جي ٻئي وڏي فورم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ هن چيو ته ڪجهه مغربي ملڪ اسلاموفوبيا جو شڪار آهن جن ماڊريٽ مسلم ۽ ناتها پسند مسلم ۾ فرق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن مغرب مان پيغمبر اسلام جي گستاخي جو معاملو سامهون ايندو رهيو آهي ته مسلمان دنيا مان ان جو موثر جواب سامهون ناهي آيو. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ آخري جمع، جنهن القدس به چوندا آهن، جي موقعي تي مڪي پاڪ ۾ ٿيل سمٽ ۾ سعودي بادشاه سلمان ايران تي سخت تنقيد ڪندي مٿس الزام هنيو ته سعودي عرب تي ٿيندڙ ڊرون حملن ۽ 12 مئي تي نار ۾ سعودي کان تيل کڻڻ لاءِ ايندڙ بحري ٻيڙن تي ٿيل حملن م ايران ملوث آهي. سعودي بادشاهه يمن، شام، لبنان ۽ مشرق وسطيٰ ۾ ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ کي محدود ڪرڻ تي به زور ڏنو. ان باري ۾ پاڪستاني وزيراعظم سميت 57 ملڪن مان عراق کانسواءِ ڪنهن به ايران خلاف سعودي بادشاهه جي تقرير بابت ڪو تبصرو نه ڪيو.

عراقي خدر برهم صالح چيو ته مسلمان دنيا کي وڏا مسئلا درپيش آهن ۽ ايران جي معاملي ۾ خبرداري کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ائين نه ٿئي جو جنگ ڇڙي پوي جنهن ۾ سڀني جو نقصان آهي. عمران خان ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن جي به ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان بيت المقدس يعني مشرقي يروشلم کي فلسطين جي گادي جو هنڌ سمجهي ٿو. ان ڏس ۾ مڪه سمٽ جا ٻيا مقرر چپ رهيا. ايران کي نظرانداز ڪرڻ بابت روس جي پرڏيهي وزير خبردار ڪيو هو پر ان جي موقف کي به نظرانداز ڪيو ويو. ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سعودي عرب جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته القدس جي ڏينهن سعودي عرب ميزباني جو ناجائز فائدو وٺندي اسلامي ملڪن جي سمٽ کي امريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي. حالانڪه سمٽ کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان آيو هو ۽ ايران کي يقين ڏياريو ويو هو ته مڪه سمٽ ايران خالف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي پر پاڪستان معاسي بحران سبب اوڌر تي تيل ملڻ بعد معاملي تي چپ رهن کي ترجيح ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو