استاد کان رشوت وٺندڙ ايس ايڇ او ۽ 3 اهلڪار معطل

ٺاروشاهه (اسد شاھ بخاري) ڊي آء جي نواب شاهه مظهر نواز شيخ  ايس ايڇ او ٺاروشاهه علي اڪبر کوکر ۽ ٽن پوليس اهلڪارن منظور لاکير ممتاز موريو ۽ راشد خانزادو کي ڳوٺ گمبو ڪلهوڙو جي استاد کان رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ استاد جي ڀائيٽي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ سندس آزادي لاء ساڍا چار لک روپيا رشوت طلب ڪئي وئي. جڏهن ته انڪوائري ۾ ايس ايڇ او تي رشوت ثابت ٿي ويئي جنهن تي ڊي آءِ جي ڪاروائي ڪئي جڏهن ته ڊي آء جي جي اهڙي ڪاروائي تي عوام خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

استاد کان رشوت وٺندڙ ايس ايڇ او ۽ 3 اهلڪار معطل” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو