استاد مقرر ڪريو، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج

شيخ ڀرڪيو (ن سنڌيار) ڳوٺ خان محمد ٿهيم جي پرائمري اسڪول جي استاد  حضور بخش کي بدلي ڪيو ويو ماستر جي اوچتي بدلي خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن احتجاج ڪندي کيس واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حاجي ٿهيم عبدالرحيم ٿهيم جمن ٿهيم ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جو ماستر بدلي ڪيو ويو آهي اسڪول ۾َ70 کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا  جنهنڪري اسان جي ٻارڙن جي پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي هنن چيو ته اسڪول تي ماستر چئن سالن تائين پڙهايو جنهن کي اوچتو بدلي ڪري شاگردن جي پڙهائي تباه ڪئي پئي وڃي اسان چونڊيل نمائندن توڙي ايجوڪيشن کاتي وارن دانهيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن تعليم جي وزير سردار شاه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول تي استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو