استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار) ڪاڇي جي ڳوٺ الهداد شاهاڻي جي رهواسين شاگردن, والدين ڳوٺ ۾ استاد مقرر نه ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن والدين سميت تعليم کاتي جي آفسيرن  خلاف احتجاج ڪيو ويو,والدين لعل بخش شاهاڻي بصرالدين, شاهاڻي ابراهيم شاهاڻي, ظفرالله شاهاڻي,مظفر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن ڪتاب ۽ قلم هٿ ۾ کڻي تعليم کاتي جي انتظاميا خلاف اسڪول اڳيان نعري بازي ڪندي احتجاج ڪيو, ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته اسان جي  ڳوٺ الهداد شاهاڻي ۾  اسڪول مقرر استاد جي رٽائر ٿيڻ بعد گذريل ٽن سالن کان بند پيل آهي تعليم کاتي جوهي دادو جي آفيسرن کي روبرو  لکت ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاء مسلسل شڪايتون ڪرڻ باوجود لاڳاپيل آفيسر اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ بجاء پنهنجن آفيسن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ آرامي بڻيل آھن, اسڪول بند هئڻ سبب ڳوٺ جا ٻارڙا  تعليم پرائڻ بدران جهنگ ۾ مال چاري رهيا آهن ۽  معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جو اسڪول 1965 کان هلي رهيو آهي تعليم کاتي وارن هڪ هلندڙ اسڪول بند ڪرائي تعليم دشمني جو ثبوت ڏنو آهي,هنن وزير اعلي سنڌ ڊي سي دادو,ڊائريڪٽر تعليم, سيڪريٽري تعليم,ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  ضلعي جي تعليم کاتي جي نااهل ۽ تعليم دشمن آفيسرن کي هٽائي اسان جي ڳوٺ الهداد شاهاڻي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري گلن جهڙن ٻارڙن کي تعليم سان نوازيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو