استاد قمر کوسو سنڌي ادب جو چنڊ هو، ورسي تي ڀيٽا پيش

لکي غلام شاهه(رپورٽ:نثارمنگي) رڪ ۾ سنڌ جي نامياري شاعر قمر کوسي جي ٻي ورسي سنڌي لوڪ ادب تنظيم ضلع شڪارپور,الفقراء سٿ,سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪ ۽ لکي ۽ بزم ادب نئون امروٽ طرفان گڏيل طور تي ملهائي وئي,ورسي تقريب جو مهمان خاص ناليوارو تاريخدان جي ايم رئيساڻي هو,جڏهن ته صدارت نذير احمد ڊيهو ڪئي,ورسي تقريب ۾ احسان راهوجو,نياز راڄپر,غني غمدل,غلام محمد غازي,بدر قمر کوسي,ساگر محمد حسين مهر,عاشق ڊومڪي,جان نثار کوسي,ساگر عبدالقادر مهر,پٺاڻ مهر,هدايت اللّه ميمڻ,سراج کوسو,حاڪم گل مهر,ناز نصراللّه مهر,منظور مولائي,تبسم گل حسن,آفتاب مهر,امان اللّه دايو,وفا منظور چوهاڻ,ارباب عادل چوهاڻ,قاسم ڪلوڙ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان شاعرن، اديبن, سگهڙن, ليکڪن, صحافين, فنڪارن, سياسي سماجي ڪارڪنن سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي,ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قمر کوسو سنڌ جو وڏو شاعر هو,هن جي شاعري جي اڏام مٿانهين هئي,هو علم عروض جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هو,استاد قمر کوسي پنهنجي زندگي ۾ 80 کان 90 هزار شعر تخليق ڪيا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي پر افسوس ثقافتي کاتي جي بي حسي سبب سندس صرف هڪ ڪتاب ڇپيل آهي,جيڪو سندس حياتي ۾ هن جي شاگردن ۽ دوستن ڇپايو هو,استاد قمر کوسو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو,هن شاعري جي دنيا ۾ سڄي سنڌ ۾ سوين شاگرد پيدا ڪيا,جيڪي اڄ به کيس ياد ڪن ٿا,استاد قمر سنڌي  ادب جو چنڊ هو,هن جي لکڻي ۾ هر طبقي جو درد ملي ٿو,هن شاعري جو محور ڌرتي ۽ سرتي هئي,هو غزل جي دنيا جو بادشاهه هو,هن کي سنڌ جي ناليواري اديب تاج بلوچ سنڌ جو ٻيو بخاري قرار ڏنو هو,سندس وڇوڙي سان شاعري جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي,جيڪو ڪڏهن نٿو ڀرجي سگهي,ان موقعي تي شاعرن شاعري ذريعي,جڏهن ته فنڪارن کيس سندس گيتن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي,آخر ۾ سندس ايثال ثواب لاء خيرات جي ماني تقسيم ڪرڻ کانپوء پير لشڪري قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوء گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي. ان موقعي تي هڪ قرارداد پاس ڪندي سنڌ حڪومت کان فنڪار شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪندي سنڌ مان افغاني پٺاڻن جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو,جڏهن ته ثقافتي کاتي کان استاد قمر کوسي جا اڻ ڇپيل مواد ڇپائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو