استاد جي گهر تي حملو سندس ڀاءُ ۽ پٽ قتل، جوابدار فرار

نوشهروفيروز (منظور ملڪ) مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ صبح سويرھٿياربندن حملو ڪري ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا. ھٿيار بند ڪاروائي بعد فرار ٿي ويا. ڳوٺ عبدالڪريم  ڀرٽ ۾ھٿياربندن پاران استاد محمد عمر ڀرٽ جي گهر تي حملو ڪري سندس ڀاء محمد صادق۽ پٽ جاويد عرف ڏاڙھون کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ھڪ ئي گهر ۾ ٻه قتل ٿيڻ سبب ڳوٺ ۾ڪھرام مچي ويو مٺياڻي پوليس اطلاع ملڻ بعدواقعي واري ھنڌ پھچي وئي ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي آئي. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو