استاد تي حملو ڪندڙ گرفتار نه ٿيا، پوليس جي ڪن لاٽار

شهدادڪوٽ (ن س) جڙيل شاه مسجد ويجهو ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جو هاءِ اسڪول جي استاد غلام مصطفيٰ دايو مٿان هنٽر سان حملو ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا. استاد اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ٻن جوابدارن اياز کوسو ۽ شمس کوسو مٿان اين سي داخل ڪرائي پر پوليس ملزم اڃا گرفتار نه ڪيا ويا آهن. استاد غلام مصطفيٰ دايو ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته پنهنجي گهر کان شهر طرف اچي رهيو هئس ته ٻه موٽرسائيڪل سوارن پيرن ۾ موٽرسائيڪل هڻي هنٽر سان مٿان حملو ڪري ڏنو هنن وس وارن کان مٿس حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو