استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۾ راندين جو هفتو ملهايو پيو وڃي

دادو(ادل مهيسر) استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ شاگردن جي ذهني ۽  جسماني نشونما لاءِ مختلف راندين اسپورٽس گالا شروع ڪيو ويو آهي پروگرام جي افتتاحي تقريب جا مھمان خاص اڳوڻو ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پروفيسر علي اصفر بلوچ ۽ پروفيسر غلام محمد چارڻ ھئا. اسپورٽس گالا جي شروعات استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري  ڪاليج دادو جي ھاڪي گرائونڊ تي ھاڪي جي افتتاحي مئچ سان ڪئي وئي جنهن ۾ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن ڀرپور حصو ورتو. ان موقعي پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني قوت کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر سال جيان هن سال به شاگردن ۽ استادن لاءِ راندين جو هفتو ملهايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو