استادن ۽ شاگردن کي ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ لاءِ تقريب منعقد

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) اداره تعليم آگاھي طرفان ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ٻارن کي محفوظ رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ بابت تربيتي ورڪشاپ ٿي گذريو، جنهن جو مقصد ھيو ته شاگردن کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي نقصانن کان ڪيئن محفوظ رکجي ان بابت شروعاتي طور تي 15 ھاء اسڪولن جي استادن کي تربيت ڏني وئي تريبتي ورڪشاپ جي رھنماء ميھوش پروين ڳالهائيندي چيو ته ھن تربيتي ورڪشاپ جو مقصد شاگردن کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٿيندڙ نقصانن ۽ انھن کان بچاء بابت طريقيڪار ٻڌايا ويا ميھوش پروين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت آن لائن ويب سائيٽ ۽ ٽيڪنالوجي معرفت شاگردن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي ۽ انھن جون سيڪريٽ ڦوٽو ۽ ويڊيو چورايون پيو وڃن جنهن سبب انھن کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آھي ميھوش وڌيڪ چيو ته ٻار خوف ۾ ورتل ھوندا آھن اھڙن خطرن بابت ڪنھن کي آگاھ به نه ڪندا آھن انڪري ذھني پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن ميھوش وڌيڪ ڳالهائيندي چيو اسين شروعاتي طور تي استادن کي تربيت ڏني آھي ته جيئن اھي پنھنجن اسڪولن ۾ ٻارن کي خطرن ۽ انھن کان بچاء بابت آگاھ ڪن اسان سمورن جو مقصد ٻارن کي محفوظ رکڻ آھي ۽ انھن کي پيش ايندڙ خطرن بابت آگاھ ڪرڻ آھي ۽ انھن کي مونھن ڏيڻ بابت سجاڳي پيدا ڪرڻي آھي ان موقعي تي سيف الرحمان ، سيد عمران علي شاهه،  منصور ڄامڙو، جلال الدين جمالي ۽ زاھد ڀنڀرو سميت وڏي انگ ۾ استادن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو