استادن پاران پڪو ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ 2018 ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ  استادن جي سالياني انڪريمنٽ نہ ملڻ ۽ پڪو نہ ڪرڻ خلاف استادن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو مظاھرين استادن بدر ڳورڙ، نجم الدين وگھيو، جي ايم لغاري، حاڪم علي، علي سيفان، زاهد برهماڻي ،اسد ٻٻر ۽ ٻين چيو تہ سنڌ حڪومت سندن کان اڳ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن ۽ ٻين مختلف کاتن جي ملازمن کي انڪريمنٽون فراھم ڪري رھي آھي پر سندن جون انڪريمنٽون بند ڪري ويساہ گھاتي ڪئي آھي ھنن چيو تہ ھڪ طرف سنڌ جي 4 ھزار استادن جي انڪريمنٽ بند ڪري کين مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي تہ ٻئي پاسي AG سنڌ پاران کين ڊيلي ويجز ملازمن جي ڪوڊ 0039 ۾ رکيو ويو آھي جنھن سبب ميرٽ تي آيل پروفيشنل ڊگري رکندڙ استاد پنھنجو مستقبل غير محفوظ سمجھي ذھني دٻاء جو شڪار آھن، ھنن چيو تہ 2018 واري آء بي جي  ڏکئي ٽيسٽ پاس ڪري ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ٿيل استاد انڪريمنٽون نہ ملڻ ۽ پڪو نہ ٿيڻ باوجود بہ پنھنجون مڪمل صلاحيتون استعمال ڪندي سنڌ جي تعليم سڌارڻ لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آھن پر سنڌ حڪومت سندن جي قدر ڪرڻ بدران سندن جون انڪريمنٽون بند ڪري سندن سان زيادتي ڪئي آھي ھنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، تعليم جي وزير سردار شاھ، سيڪريٽري تعليم علي اڪبر لغاري کي اپيل ڪئي آھي تہ فوري طور ڀرتي جي تاريخ کان بند پيل انڪريمنٽون فراھم ڪري سندن کي پڪو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو