استادن جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد شاگردن پاران ڀيٽا پيش

اڏيرولال (ن سنڌيار) گورنمينٽ هاءِ اسڪول طاهر هنڱورو پاران پنهنجي  استادن شاهنواز چنا ۽ محمد سليم احمداڻي جي مان ۾  الوداعي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾  اسڪول جي هيڊماستر بابو هنڱورو، گسٽا تعلقي مٽياري جي اڳواڻ محمد طيب هنڱورو،  ناليواري شاعر امين اڏيرائي، عبدالخالق کوسو ۽ نواز بابو خاصخيلي سميت  علائقي جي معتبر شخصيت وڏيري غلام محمد هنڱورو خصوصي شرڪت ڪري اسڪول مان بدلي ٿيندڙ جاکوڙي استادن شاهنواز چنا ۽ محمد سليم احمداڻي کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا اوڍائي مان ڏنو ويو.ان موقعي اسڪول جي هيڊ ٽيچر بابو هنڱورو، گسٽا اڳواڻ محمد طيب هنڱورو، ناليواري شاعر امين اڏيرائي ۽ وڏيري غلام محمد هنڱورو جو چوڻ هو ته شاهنواز چنا ۽ سليم احمداڻي پنهنجي همٿ ۽ قابليت سان هاءِ اسڪول طاهر هنڱورو جي شاگردن تي محنت ڪئي جنهن سبب طاهر هنڱورو هاءِ اسڪول جا شاگرد سڄي ضلعي ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندا رهيا آهن.هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ اسان جي بدقسمتي آهي، جو اهڙا محنتي استاد اسان کان موڪلاڻي ڪري رهيا آهن ۽ هائي اسڪول اڏيرولال اسٽيشن جي خوشقسمتي آهي، جو هنن کي اهڙا محنتي استاد ملي رهيا آهن.ان موقعي تي سينئر استاد اي ڊي ٽالپر، ظفر بڙدي سميت اسڪول جي شاگردن ۽ ٻئي عملي پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو