اسان ايترا بي حِس ڇو ٿي ويا آهيون؟

ليکڪ : اعجاز علي سوڍر

اسان سنڌ ڌرتي ڌڻين سنڌ امڙ جي سيني تي جنم وٺي ھڪ قسم جو ڄڻ ته گناھه ڪيو آھي. سنڌي قوم پاڪستان جي اھا قوم آھي جنھن کي ھر ڪنهن آرام سان بيوقوف بڻائي پنھنجو مطلب ڪڍي ورتو. مڃون ٿا ته اسان جي وڏڙن قربانيون ڏنيون، پنھنجي سنڌ جيجل جو سينو رھڻ لاءِ ٻين کي به آڇيو، اسان ھر بار مات کائي به سُڌرون ڪين ٿا. اسان منجھه ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري اسان کي جھالت جي طرف ڌڪيليو ويو، آفتن جي اچڻ تي مختلف اين جي اوز جي نالي سان کارائي پنڻ جو عادي بڻايو ويو. ڪجھ اسان کي پاڻ پنھنجي نفس لُٽيو ته وري ڪجھه پنھنجن جي ھٿان تباھه ٿيندا رھياسين. ڪجھه اسان کي ماحول منجھايو ته وري ڪجھه ترقي ۽ جدت جي ڏٽي ۾ اچي وياسين. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته اسان کي بس مِٺي آڱر چٽرائي وڃي پوءِ اسان جي ديوانگي به ڪمال جي ھوندي آھي. ٿورڙي لالچ تي به پنھنجو سڀ کان قيمتي سرمايو وڃائي ويهندا آهيون. اسان منجھه جيڪي جوڌا جوان پيدا ٿيا سي ته شايد ڪو قدرت جو ڪرشمو ئي ھو نه ته باقي ھاڻي پُڇ ٻڌي مَهري بڻايون ويٺا آھيون. اسان جا دودا ڪُسجي ويا، اسان جا دولھه لَٽجي ويا، اسان جا ھيمو کسجي ويا، اسان جا ھوشو ھليا ويا، اسان جا سامي سونھن وڃائي ويٺا، اسان جا سچل سراپا سُور بڻيا، اسان شاھه شھيد ٿي ويا، اسان جا سڀ سورما ختم ٿي ويا. ھاڻي اسان باقي جيڪي بچيا آھيون سي پنھنجو ساھه به چوري کڻون ٿا، اسان پنھنجي عزت نفس بچائڻ جي چڪر ۾ غيرت به وڃائي ويهون ٿا. اسان مدھوشيءَ واري زندگي جِيئون ٿا، دنيا کان سوين سال پٺ تي ڌڪيلجي ويا آھيون، اسان جھالت جي انڌيري ۾ ڪوفت ۽ ڪرب واري ننڊ ستل آھيون. جن اسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، انھن کي اسان ئي ڀُليل ۽ گمراھه سمجھي مخالفت سان گڏ مٿن چٿرون ڪيون. اسان پاڻ کي ڏاڍو ھوشيار ڏاڍو سياڻو سمجھيو آھي، پر اٻوجهه وري ايترا جو ڪنھن جي معمولي ڏٽي ۾ سولائي سان اچي ويندا آھيون. اسان روئندا رڙندا رھياسين پر ڪنھن جي به ڪن تي ڪا جُون ڪين رينگھي، باقي جنھن کي اھو درد جاڳيو ان سِر جو سودو ڪري ورتو پر اھو سودو به بي سود رھيو. اسان جي وحدانيت ختم ٿي چڪي آھي، اسان ھڪ ٻئي جا مخالف بڻجي ھڪ ٻئي کي ڪيرائڻ ۾ ڏاڍا اڳڀرا ٿياسين. ھڪ ته ايوانن ۾ براجمان ٿيڻ وارن کان به وسري وياسين، جي وسريا نه به آھيون تڏھن به لاوارث ئي بڻايا وياسين. ٻيو واڳ ڌڻين جي دل تي به مُور ناھيون. اسان بلڪل اپاھج عوام مثل پنھنجو جِيون گھاري مڙئي پيا زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪيون. اشرف المخلوقات جو حصو ھئڻ جي باوجود بلڪل وحشين واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. اسان کي جيئڻ جو به ڪو ڍنگ آھي ئي ڪونه.  ڪنھن اھل علم دوست سان ڪچھري دوران جڏھن اھو موضوع ڇڙيو ته اسان جي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي چڪا آهن، اسان جي وڏن وڏن شھرن جيئن ڪراچي، حيدرآباد، سکر وغيره تي ڌاريا قابض ٿي چڪا آهن، اسان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ وارا آھيون. جڏھن ان دانشور ڳالھايو ته مان حيران ٿي ويس ته واقعي اھو ئي سچ آھي جيڪو ھي ڳالھائي رھيو ھو. اھو سؤ سيڪڙو سچ نظر ٿي آيو ته اسان سنڌين کي جيئڻ جو ڍنگ آھي به ڪٿي؟ اسان سڄو ڏوھه ھڪ ته سرڪار تي ڏيون ٿا ۽ ٻيو ٻاھريَن جو روئڻ روئون ٿا. اسان ننڍن شھرن ۾ رھون ٿا، ھتي ته ٻاھريان ماڻھو ايترا گھڻا به نه آھن، پنھنجي علائقي جو تجزيو پاڻ ئي ڪريو ته اسان پنھنجي گھرن، گلين، دڪانن ۽ رستن کي پاڻ ئي ڪچري جا ڍير بڻايون ٿا. اسان لکين روپين جا گھر ٺھرايون ٿا، پنھنجا باٿروم به ٽائيل ماربل سان سجايون ٿا، باقي گھٽيءَ ۾ پنج ڏھه ھزار روپيه خرچ ڪرڻ کان بلڪل عاري ٿيا بيٺا ھونداسين. اگر پُڇندؤ ته سڀڪو اھو ئي پيو جواب ڏيندو ته اھو سرڪار جو ڪم آھي، اسان ڇو ٺھرايون؟ ان جي مقابلي ۾ توھان ٻاھريَن کي ڏِسو، انھن جي رھڻ، صفائي سٿرائي، سچائي ۽ انسانيت ڏسو، پاڻ ئي سمجھي ويندؤ ته اسان انھن جي مقابلي زيرو (ٻڙي) آھيون. خاص ڪري مھاجرن جو اندازِ زندگي ڏِسو! سندن زندگي، صفائي سٿرائي، تعليم جي حصول جي جستجو، ٻارڙن جي اخلاقي تربيت، روزگار جو فڪر وغيره اھڙا عمل آھن جيڪي قابل تقليد آھن. اگر اسان ڏِسون ته ڪراچيءَ کي سينگارڻ ۾ سڀ کان اھم ڪردار ڪنھن جو آھي؟ اسان جي مکيه وڏن شھرن ۾ سنڌي اڪثريت وارا علائقا به ڏِسو ۽ مھاجرن جي اڪثريت وارا علائقا به ڏِسو پاڻ ئي فيصلو ڪريو. اسان ننڍڙن شھرن ۾ پنھنجي شھرن جو جيڪو حشر ڪريون ٿا اھو به ڏِسو. ھتي جا بيوروڪريٽ، ھتان جا آفيسر، ھتان جا اقتدار ڌڻي، ھتان جا سياستدان سڀ پنھنجا سنڌي آھن. پوءِ ٻڌايو ته پنھنجي گھر کي سنوارڻ لاءِ ڪھڙا ڦاڙھا ماريا اٿئون. ڪڏھن ڪڏھن پاڻ تي ڪاوڙ ايندي اٿم ته پنھنجا سُور مڃان ٿو ته سوايا آھن، منھنجي قوم لاوارث، ننڌڻڪي ۽ بي وس ته آهي پر ڇا اسان پاڻ گھٽ ظالم آھيون؟ ڇا اسان جھڙا ٻيا ڪي ڪاسائي به ھوندا؟ اسان بي وس آھيون ته پوءِ به حس ڇو آھيون؟ اسان مظلوم آھيون ته پوءِ ظالم ڇو آھيون؟ اسان ننڌڻڪا بلڪل آھيون ته پوءِ پنھنجن کان بي گانا ڇو آھيون؟ اسان لاوارث آھيون ته پوءِ پنھنجي وارثن جا قاتل ڇو آھيون؟ اسان پنھنجي ھر ڏوھه جي سزا ئي ڀڳتي آھي.

اھو سچ اسان کي سمجھ ۾ ڇو نه ٿو اچي ته الله سائين به ان قوم جي تقدير تيسين تائين ناھي بدليندو جيسين اھا خود ان جي ڪوشش نه ٿي ڪري. اسان ايترا لاوارث ته ڪونه ھئاسين جيترا ٻاھران آيل پنھنجن طرفان ڌڪاريل اسان وٽ پناھ گير ٿيا. انھن جيترا ننڌڻڪا ھرگز نه ھئاسين پر اسان پنھنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ھنيو آهي. جاڳو جاڳو جوانو!! پنھنجي تھذيب، پنھنجي ثقافت، پنھنجي لطافت، پنھنجي نزاڪت، پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي وحدانيت، پنھنجي ٻَڌي، پنھنجي بقا، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ٻولي، پنھنجي قوم، پنھنجو ايڪو، پنھنجو اتحاد، پنھنجو ڪردار، پنھنجو حق، پنھنجو پيار، پنھنجو وڃايل وِرثو سنڀالي وٺو. ڪو ايئن سستي ڏسندي آسمان منجھان فرشتا توھان جي مدد لاءِ ھيٺ لھي ڪونه ايندا، نه ئي وري ڪو شاھه، سچل، سامي، ھيمو، ھوشو، دودو، دولھه يا خالد محمود توھان کي ٻانھن کان وٺي زبردستي ميدان منجھه لاھيندا. جاڳو وقت کان پھريان! ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسان جي اڪثريت اقليت منجھه تبديل ٿي وڃي ۽ اسان جا ٻَچا ڳولهيندا رھن ته ڪٿي آھي اسان جي ابن جي ثقافت ۽ ڪٿي آهي اسان جي ابن جي ڌرتي؟؟؟؟؟؟؟؟

الله ايئن مَ هوءِ جو ڪتابن منجھه پڙھجي ته ھئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (هن مضمون جو ليکڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر آهي). Aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو