ارونڌتي ڪشمير بابت نهرو جا خط پيش ڪري ڇڏيا

ڀارت جي ناليواري ليکڪا ارونڌتي راءِ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو جي ڪشمير بابت مختلف دورن ۾ لکيل خطن ۽ تقريرين جو رڪارڊ سامهون آڻيدي چيو آهي ته مودي سرڪار نهرو جي ڪيل واعدن کان انحراف ڪيو آهي. هن چيو آهي ته  ڪشمير جي حيثيت جي تبديلي بابت مودي سرڪار جيڪي به اپاءَ ورتا آهن اهي نهرو پاران ڪيل معاهدن ۽ ڏنل گارنٽيز جي ابتڙ آهن ۽ عالمي عدالت ۾ ڀارت لاءِ مسئلا وڌي سگهن ٿا. ڀارتي ليکڪا طرفان سامهون آندل تاريخي مواد ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڪيترائي ڀيرا ڪشمير جي مسئلي کي عوامي ريفرنڊم وسيلي حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.

***ڀارت جي مشهور ليکڪا ارونڌتي راءِ موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي جواهر لال نهرو وزيراعظم پاڪستا ن جي نالي ٽيليگرام لکيو جنهن ۾ واضح ڪيو ته ڪنهن به تڪراري علائقي جو معاملو ماڻهن جي مرضي موجب طئي ڪيو ويندو.

***31 آڪٽوبر 1947ع تي وزيراعظم پاڪستان جي نالي لکيل ٽيليگرام ۾ پنڊت جواهر لال نهرو چيو ته ڪشمير جو ڀارت سان الحاق مهاراجا هري سنگهه جي حڪومت جي درخواست تي ٿيو آهي، اهڙي رياست جنهن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي ان جي الحاق جو فيصلو ڪشمير جو عوام ئي ڪري سگهي ٿو.

*** 2 نومبر 1947ع تي ريڊيو تي نشر ٿيندڙ پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو ته بحران جي صورتحال ۾ اسان ڪشميري عوام جي راءِ ڄاڻڻ بنا حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگهون.

***3 نومبر 1947ع تي نشر ٿيندڙ خطاب ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو ته اسان اعلان ڪريون ٿا ته ڪشمير جي قسمت جو آخري فيصلو آخرڪار اتان جي ماڻهن کي ئي ڪرڻو آهي.

***جواهر لال نهرو 21 نومبر 1947ع تي وزيراعظم پاڪستان جي نالي لکيل خط ۾ چيو ته هو ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته جيئن ئي امن قائم ٿيندو ڪشمير جو الحاق عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي تحت ريفرنڊم وسيلي ممڪن بڻايو ويندو.

***25 نومبر 1947ع تي ڀارتي آئين ساز اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي جواهر لال نهرو چيو ته ڪشمير جو فيصلو غيرجانبدار ٽربيونل يعني گڏيل قومن وسيلي ئي ممڪن بڻائينداسين.

***5 مارچ 1948ع تي ڀارتي آئين ساز اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي نهرو چيو ته اسان ڪشميرين کي آزاداڻي طور تي شفاف ووٽنگ جو حق ڏيڻ جا پابند آهيون.

***16 جنوري 1951ع تي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جواهر لال نهرو چيو ته حتمي فيصلو ڪشميرين کي پاڻ ڪرڻو آهي ته هو پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا يا ڀارت سان گڏ رهڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۽ ڀارت پهريان ئي ان ڳالهه تي اتفاق راءِ جو اظهار ڪري چڪا آهن.

***6 جولاءِ 1951ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي رپورٽ ۾ نهرو چيو هو ته ڪشمير کي ڀارت ۽ پاڪستان جي نظر ۾ نه ڏسڻو پوندو، ڪشميري زمينون ويڪائومال ناهن.

***11 سيپٽمبر 1957ع تي گڏيل قومن جي نمائندي کي لکيل خط ۾ نهرو چيو ته رياست جمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن وسيلي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريان ٿو. ذڪر ڪيل مٿانهون رڪارڊ سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي ايوان ۾ هلچل مچي وئي ۽ مودي سرڪار تي تنقيد ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

) ياد رهي ته سوزانا ارونڌتي رائي ليکڪا ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن به آهي. هن جي لکيل ناول ”ننڍين شين جو خدا“ کي مين بڪر پرائيز مليو هو. سندس والد بنگالي هو ۽ والده شام جي عيسائڻ هئي، هن پنهنجي والده کي والد جي ملڪيت مان حصو ڏيارڻ لاءِ ڪيس وڙهيو ۽ پهريون دفعو عيسائي زالن کي هندو مڙس جي ملڪيت مان حصو ملڻ شروع ٿيو. هن فلم ۾ اداڪرا طور ڪم ڪيو پر بعد ۾ لکڻ کي ترجيح ڏني، هن ڪيترائي فلم ۽ ٽي وي سيريل لکي شهرت حاصل ڪئي. ايڊيٽر)

پهنجو تبصرو موڪليو