ارسا پاران 91 جي ٺاهه جي ابتڙ پاڻي جي ورڇ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ زرعي مقصد لاءِ پاڻي جي ورڇ واري اداري، انڊس رور سيسٽم اٿارٽي يعني ارسا 1991ع جي پاڻي ٺاهه کي نظر انداز ڪندي پنجاب کي فائدو ڏيڻ واري ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب سنڌ ۽ پنجاب کي 16- 16 سيڪڙو کوٽ جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کوٽ کان آجا قرار ڏنا ويا آهن.  ارسا سنڌ صوبي کي پاڻي جي فراهمي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪس ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.  جڏهن ته پنجاب کي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪس کان  وڌائي هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ارسا جي ترجمان خالد رانا جو چوڻ آهي ته ارسا دريائن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي کان پوءِ پاڻي جي ورڇ ڪندي صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي جي پاڻي فراهمي جي انڊينٽ هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ آهي، جنهن مان ڪالهه تائين سنڌ کي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، جنهن کي وڌائي روزانو هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪس ڪيو آهي.  هن ٻڌايو ته پنجاب صوبي جي پاڻي فراهمي جي انڊينٽ هڪ لک 44 هزار 300 ڪيوسڪس آهي، جنهن مان پنجاب کي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو هو، جيڪو وڌائي هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ صوبي کي گهربل پاڻي کان 16- 16 سيڪڙو پاڻي گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبي کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، خيبر پختونخوا کي 3 هزار ڪيوسڪ ۽ بلوچستان کي گهربل 14 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو ويندو. رانا خالد چيو ته ارسا پنجاب لاءِ جي سي زون ۾ پاڻي لاسز زيرو، انڊس زون ۾ 15 سيڪڙو، سنڌ صوبي کي پاڻي فراهمي ۾ لاسز جو ڪاٿو 15 سيڪرو جڏهن ته بلوچستان لاءِ پاڻي فراهمي دوران لاسز 30 سيڪڙو تائين هجڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ارسا ترجمان مطابق سنڌ کي فراهم ٿيندڙ هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي گڊو بيراج تائين پهچڻ ۾ 4 ڏينهن تائين جو وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو