ارسا پاران سنڌ جو پاڻي گهٽائڻ تي آبادگار بورڊ جو احتجاج

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ جي پاڻي واري حصي ۾ اوچتو وڏي پيماني تي گهٽتائي ڪرڻ بابت ارسا جي فيصلي تي سخت احتجاج ڪندي ان کي سنڌ جي زراعت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ آبادگار بورڊ ارسا جي اهڙي ناانصافي تي ٻڌل فيصلي جي سخت مذمت پڻ ڪئي آهي ۽ گهر ڪئي آهي ته ڊيمن مان ترت پاڻي ڇڏي سنڌ جي گهرج پوري ڪري ان جي زراعت کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر  ذوالفقار يوسفاڻي،  نديم شاهه، اسلم مري، عمران بوزدار، ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ پاڻي جي تازي صورتحال ۽ ارسا طرفان سنڌ جي پاڻي واري حصي ۾ اوچتو وڏي پيماني تي گهٽتائي ڪرڻ ۽ سنڌ جي زراعت تي ان جي اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ارسا جي 20 آگسٽ واري اجلاس ۾ سنڌ جي حصي واري پاڻي ۾ اوچتو وڌي پيماني تي گهٽتائي ڪئي وئي، جيڪو هڪ ناانصافي وارو فيصلو آهي. ڇو ته پاڻي جي 1991 واري معاهدي موجب سنڌ جي پاڻي جو حصو 123,200 ڪيوسڪ مقرر ٿيل آهي، جنهن ۾ اوچتو وڏي پيماني تي گهٽتائي ڪري 106,000ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻي واري معاهدي ۾ پنجاب جو حصو 117,400ڪيوسڪ آهي پر ان کي ويتر وڌائي 117,800 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي ۽ خيبرپختونخوا توڙي بلوچستان جي حصي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ  ارسا جي  اهڙي ناانصافي تي ٻڌل فيصلي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته  هن وقت ڊيمن ۾ 10.195 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي پاڻي موجود آهي ، جڏهن ته ملڪ جي ندين ۾ 220900 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ گهرجي ها ته جيئن دريا ۾ پاڻي جي کوٽ جو پورائو ٿي سگهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته ڊيمن مان پاڻي نه ڇڏڻ سبب ئي سنڌ کي پاڻي جي 20 سيڪڙو کان به وڌيڪ کوٽ سان منهن ڏيڻو پوندو، اهڙي صورتحال خريف جي پوکن لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار ثابت ٿيندي، ان سان ساريون، وونئڻ، ڪمند ۽ ٻيا فصل پڻ سخت متاثر ٿيندا. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته ڊيمن مان پاڻي نه ڇڏڻ سبب پاڻي جي ورڇ وارو فارمولا پڻ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي پاڻي جو حصو ته وڏي پيماني تي گهٽايو ويو آهي پر پنجاب جي حصو ويتر وڌايو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا توڙي بلوچستان جي حصي ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته پيرا بي 14 هيٺ پاڻي جي ورڇ جو طريقو جنهن کي ٽي رخي فارمولا چيو وڃي ٿو سو اڳ ئي تڪراري آهي جنهن سان رڳو هڪ ئي صوبو متاثر ٿئي ٿو. جڏهن ته ڊيمن ۾ پاڻي موجود هئڻ جي باوجود اهو دريا ۾ نه ڇڏڻ افسوس جوڳو عمل آهي، ڇو ته ڊيمن جو ته مقصد ئي اهو هوندو آهي ته کوٽ جي وقت انهن مان گهرج پوري ڪئي وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته چشما وٽان سنڌ جو پاڻي گهٽائڻ جا سنڌ ۾ اثر 5 کان 7 ڏينهن ۾ ئي ظاهر ٿيندا، ڇو ته جڏهن پاڻي وڌايو ويندو آهي ته اهو سنڌ تائين 12 کان 15 ڏينهن ۾ پهچندو آهي پر پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿيڻ سان اهو پهرين چشما تي ۽ ان کان پوءِ ئي گڊو بئراج تي پهچندو آهي، ان جو فائدو پڻ پنجاب کي ئي ٿيندو آهي پر ڪوٽڙي بئراج ملڪ جو آخري بئراج هئڻ سبب اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان گهڻو متاثر ٿيندو آهي.سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته جڏهن ڊيمن ۾ پاڻي موجود آهي ته  ارسا کي اهڙو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان هڪ صوبي کي نقصان ٿئي، اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ پاڻي دير سان ملڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ پوک دير سان ٿيڻ سبب اڳ ئي گهڻو متاثر ٿيل آهي، ان ڪري ارسا ترت ئي اجلاس گهرائي ۽ سنڌ جي زرعي معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڊيمن مان پاڻي ڇڏي سنڌ جي پاڻي جي گهرج پوري ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو