ارسا سِي جَي ۽ ٽِي پي لنڪ ڪينال بند ڪري، سنڌ ڪابينا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ارسا کان مطالبو ڪيو آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪابينا چيو ته انڊس رور سسٽم جو پاني جهلم ۽ چشما ڪينالز ۾ وڌيو پيو وڃي. سنڌ ڪابينا ننڍي عمر جي شادين تي پابندي واري قانون يعني ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ ان جا رولز چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس کي توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته سنڌ م بجلي جو وڏو آزار آهي گرمي جي مند ۾ ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا جيڪي مهينو مهينو ٺيڪ نٿا ڪيا وڃن. وڏي وزير کيس چيو ته هو واپڊا ۽ واطيدار بجلي فراهم ڪندر ڪمپني جي انتظاميا سان ان بابت ڳالهائي.

پهنجو تبصرو موڪليو