ارسا سنڌ جو پاڻي 11 هزار ڪيوسڪس گهٽ ڪري ڇڏيو

ڪشمور (جي ايم کوسو )ارسا دريا ئي وھڪرن ۾ گھٽتائي جي ڪري سنڌ جي حصي مان 11 ھزار ڪيوسڪ پاڻي گھٽائي ڇڏيو  آهي. ارسا اسلام آباد ۾ سومر تي ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ م ٻڌايو ويو ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي 18سيڪڙو رھجي وڃڻ ڪري ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي جنھن جي ڪري سنڌ کي ملندڙ پاڻي جيڪو 176000ڪيوسڪ هو اهو 11 هزار ڪيوسڪس گهٽ ڪرڻ بعد سنڌ کي 165000 ڪيوسڪ ڏنو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسڪردو ۾ موسم جھڙالي ھجڻ ڪري گرمي پد گهٽجڻ ڪري گليشئر گهٽ پگهرجي ٿو ان ڪري تربيلا ۾  پاڻي جي آمد گھٽ ٿيڻ ڪري رڳو 12 ڏينھن جو پاڻي بچيو آهي. ان ڪري ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. 20 جولاء 2020“ سنڌ جو انڊينٽ 200000 ڪيوسڪ ۽ سنڌ لاء رليز اڄ کان 176000 مان گھٽائي 165000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آھي. تربيلا آئوٽ فلو 160000 مان گھٽائي 150000 ڪيوسڪ ۽ منگلا آئوٽ 25000 مان گھٽائي 20000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آھي. تمام دريائن ۾ پاڻي نارمل آھي ڪٿي به ٻوڏ واري صورتحال ناھي. ھن وقت سڀ کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واھ ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال آھي. پهرين اپريل 2020 کان 10 جولاءِ 2020 تائين سنڌ جي ٽنھي بئراجن مان نڪرندڙ واهن کي مليل پاڻي 15 ملين ايڪڙ فٽ آھي ۽ گذريل سال 1ان عرصي ۾ کنيل پاڻي 11 ملين ايڪڙ فٽ ھو. يعني ھن سال خريف ۾ 10 جولاءِ تائين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4 ملين ايڪڙ فٽ وڌيڪ پاڻي مليو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو