ارسا ربيع ۾ به سنڌ جو پاڻي 4 ايم اي ايف گهٽائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ارسا خريف کانپوءِ ربيع جي مُند ۾ به سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، ربيع لاءِ سنڌ جي انڊينٽ مان 4 ايم ايف پاڻي گهٽائي 10.36 ايم ايف پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ جي آبپاشي وزير طرفان ارسا چيئرمين ۽ بلوچستان ميمبر جي روين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان زيادتي خلاف پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ سوڌو هر فورم تي آواز اٿاريو اٿئون، هاڻي وري نئين ڳالهه ٿي آهي ته نيشنل واٽر ڪائونسل جوڙي سنڌ جو مامرو اوڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو غيرقانوني آهي. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ نيشنل واٽر ڪائونسل نه، پر سي سي آءِ آئيني باڊي آهي، ارسا ۾ بلوچستان جو نمائندو چيئرمين جو چمچو ٿي ويٺو آهي، جيڪو چاهي ٿو ته سنڌ کي معاهدي تحت پاڻي نه ملي، سنڌ کي پاڻي گهٽ ملندو ته بلوچستان کي ڪٿان ڏينداسين؟ هڪ ايم اي ايف گهٽ پاڻي ملڻ سان سنڌ کي 5 ارب رُپين جو نقصان ٿيندو، ارسا پاڻي ورڇ کي گورک ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو