ارسا جي جاچ ٽيم اڌ مان واپس، سکر کان هيٺ گهٽ پاڻي ڏنو ويو

ڪشمور(جي ايم کوسو) سنڌ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي لاپرواھي ۽ غفلت جي ڪري ارسا ۽ واپڊا جي گڏيل جاچ ٽيم سکر بئراج جي ھيٺانھين وھڪري جي انگن اکرن جي تڪرار بعد جاچ اڌ ۾ ڇڏي واپس هلي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ارسا ۽ واپڊا جي گڏيل جاچ ٽيم 17جولائي کان تونسه بيئراج کان ڪوٽڙي بئيراج تائين بئيراجن ۽ ڪينالن جي مٿانھين۽ ھيٺانھين وھڪرن جي جاچ ۽ بيراجن مان نڪرندڙ ڪينالن ۽ بلوچستان جي حصي جي پاڻي جي چاج ڪرڻ لاء جڏھن سکر بئيراج پهتي ته سنڌ جي آبپاشي عملدارن ۽ ٽيم جي عملدارن سکر بئراج جي هيٺاهين وھڪري جي گھٽ ڇوڙ ڪرڻ تي تڪرار وڌي ويو. جاچ ٽيم چيو ته سکر بيراج کان هيٺ پاڻي گهٽ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ انگ اکر وڌيڪ ٻڌايا وڃن ٿا. ٽيم پاڻ ماپ ڪئي ته به 18 جولاءِ جا انگ اکر سنڌ آبپاشي جا غلط ثابت ٿيا. جنهن تي پنجاب جي ارساميمبر ڪاوڙجي واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته ٽيم جا ٻيا ميمبر به ساڻس متفق ٿي واپس هليا ويا ۽ ڪوٽڙي بيراج جو دورو رد ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ آبپاشي وارن جي بلوچستان کي ڏنل پاڻي جا انگ اکر به غلط ثابت ٿيا. جنهن موجب گڊو بئيراج تان بلوچستان کي 1100 ڪيوسڪس پاڻي گھٽ ملندو رهيو آهي. سکربئيراج جي ھيٺانھين وھڪري تي ارسا ۽ سنڌ جي آبپاشي جي انگ اکرن ۾ وڏو فرق سامھون اچڻ ڪري سنڌ آبپاشي جي عملدار پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن. ارسا ۽ واپڊا جي جاچ ٽيم تونسه کان سکر بئراج تائين اڌوري رپورٽ 25 جولائي تائين پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي آبپاشي جي هڪ سينئر آفيسر چيو ته سياسي بنيادن تي سکر اپ اسٽريم پاڻي وڌيڪ ڇڏيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو