‘اربن فاريسٽ’ پاليسي هيٺ شهرن ۾ وڻڪاري شروع

روھڙي (امان الله سومرو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران شھري علائقن ۾ ‘اربن فاريسٽ’ منصوبا شروع ڪرڻ جي خصوصي ھدايت بعد صوبائي حڪومت جي تعاون سان سکر ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ جي فرزند پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ لوڪل ڪونسل ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر سيد ڪميل حيدر شاھ پاران اربن فاريسٽ منصوبي جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ماحولياتي بھتري لاءِ صوبائي حڪومت پاران سکر بيراج مان نڪرندڙ واھن جي ڪنارن تي غير قانوني قبضن مان آزاد ڪرايل زمين جي ايراضي تي شروع ڪيو ويندو جنهن سان ماحول ۾ بھتري سميت سرڪاري زمين کي ٻيهر قبضي ٿيڻ کان پڻ بچائي سگهجي ٿو. ڪميل حيدر شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اربن فاريسٽ منصوبي جو مطلب آهي ته شھر جي اھڙن علائقي اندر وڻڪاري ڪئي وڃي جتي ماحولياتي تبديلي اچي سگهي. سندس چوڻ هو ته دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به ھن وقت سائيڪلنگ جي رجحان ۾ به  اضافو ڏٺو ويو آهي انھيء ڪري صوبائي حڪومت، ٻيلو کاتو، ڊپٽي ڪمشنر سکر، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سکر ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي گڏيل تعاون سان اُنھي ھنڌ سائيڪل زون منصوبي جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فيمليز لاءِ الڳ سائيڪلنگ ٽريڪ بڻايو ويندو ۽ واڪنگ ٽريڪ سميت ننڍا ننڍا ريسٽورنٽ پڻ ٺاهيا ويندا. ان پوري علائقي کي سر سبز ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ پھرين مرحلي ۾ وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا ويندا. ان منصوبي تحت سکر روھڙي شھر سميت آس پاس جي شھرن سان تعلق رکندڙ فيمليز پڻ فائدو حاصل ڪري سگهنديون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل، ڪنزرويٽو فاريسٽ سکر سليم وستڙو، ڊپٽي ميئر سکر طارق چوھاڻ، عرفان دائود پوٽو ۽ ٻيا پڻ ساڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو