ارباب رحيم جي مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ارباب غلام الرحيم کي سنڌ ۾ سياسي اڳواڻن سان رابطن جو ٽاسڪ ڏيندي کيس پارٽي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  جنهن بعد ارباب غلام رحيم نيو جتوئي ھاؤس پھچي ويو رئيس غلام مرتضيٰ خان جتوئي سان ملاقات ڪري کيس اهم پيغام پهچايو. ارباب غلام رحيم اسلام آباد ۾ اقتدار جي اصل مالڪن سان به ملاقاتون ڪيون جنهن بعد هو نيو جتوئي پهتو. ارباب غلام رحيم سنڌ جي ٻين اهم اڳواڻڻ سان به ملندو ۽ پي ٽي آءِ کي آرگنائيز ڪندو. غلام مرتضيٰ جتوئي عمران خان پاران نظر انداز ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ خاموش ٿي پاسيرو ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو