اداڪار اشرف راهي دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪري ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسٽيج، ٽي وي، ۽ فلم جو معروف اداڪار اشرف راهي دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪري ويو. خانداني ذريعن معطابق اداڪار اشرف راهي کي دل جو دورو پوڻ تي لاهور جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي داخل ڪيو ويو پر هو بچي نه سگهيو. خانداني ذريعن مطابق اشرف راهي جي جنازي نماز لال پل پنج پير ويجهو گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحوم سوڳوارن ۾ 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏي آهي. اسٽيج ٽِ وي ۽ فلم اداڪار اشرف راهي درجنين اسٽيج ڊرامن، ٽي وي ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو مرحوم مزاحيه ڪردار ڪري پنهنجو منفرد مقام رکندو هو. اشرف راهي اسٽيج ڊرامن شرطيه مٺي، مس رانگ ڪال، منڊي ناسمجهو، ماهي مينون ڇلا پوادي کان علاوهه پنڊ دي ڪڙي ۽ مجاجن جهڙن فلمن ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

پهنجو تبصرو موڪليو