اداڪاره حرا ماني جي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره حرا ماني جي تازو سوشل ميڊيا تي ايندڙ ڊانس وڊيو جا هر ماڻهوءَ جي زبان تي چرچا آهن. اداڪاره حرا ماني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي ڀارتي فلم هم آپ ڪي هين ڪون جي گاني تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪاره جي ڊانس واري وڊيو کي سوشل ميڊيا تي ان جي چاهيندڙن طرفان بيحد پسند ڪئي پئي وڃي. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره حرا ماني سان گڏ ميڪ اپ آرٽسٽ ساجد وهاب به لتا منگيشڪر جي گاني تي ڊانس ڪري رهيو آهي. اداڪاره طرفان وڊيو ميڪ اپ آرٽسٽ ساجد وهاب جي سالگره جي موقعي تي شيئر ڪئي وئي جيڪا هاڻي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي. حرا ماني وڊيو شيئر ڪندي ساجد وهاب کي سالگره جي مبارڪ باد ڏني ۽ چيو ته توهان جي تمام گهڻو پيار ۽ هميشهه ائين ئي رهندا. جنهن جي جواب ۾ آرٽسٽ ساجد وهاب لکيو ته حرا جي تمام گهڻي مهرباني جنهن وڊيو اپ لوڊ ڪئي. ساجد جو چوڻ هو ته منهنجي سالگره جو سڀ کان بهترين تحفو اها وڊيو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو