اداڪارا نيلم ڪوٺاري جون راز جون ڳالهيون

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا نيلم ڪوٺاري چيو آهي ته هن 1998 ۾ فلم اندسٽري کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن ان سال جي سپر هٽ فلم ڪڇه ڪڇه هوتا هي ۾ کيس آڇ ٿي ته هن انڪار ڪيو هو پر فلم جو هدايتڪار ڪرن جوهر سندس دوست هو ۽ هن کيس سمجهايو ته اوهان ننڍو ڪردار آهي ضرور ڪريو جنهن بعد مون اهو ڪيو. هن ٻڌايو ته 1999 جي سپر هٽ فلم هم ساٿ ساٿ هين ۾ به ساڳئي طرح مون انڪار ڪيو پر بعد ۾ ڪم لاءِ راضي ٿيس. هندوستان جي نئين نسل مونکي ان فلم جي حوالي سان ياد ڪندي آهي. ان فلم لاءِ هدايتڪار سورج برجاتيا مونکي راضي ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو