اداڪارا ناديه جميل ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ناديه جميل پاڻ ئي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڇاتي ۾ ڪينسر آهي ۽ هوءَ ان جو علاج ڪرائي رهي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن ٻڌايو آهي ته هڪ هفتي ۾ ٻه ڀيرا چيڪ اپ لاءِ وڃي چڪي آهي ۽ آپريشن جي تاريخ جو انتظار ڪري رهي آهي.

هن پنهنجي اولاد، گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ مداحن کي چيو آهي ته هو گهٻرائن نه پر سندس لاءِ دعا ڪن. هن عورتن کي صلاح ڏني آهي ته هو جيڪڏهن پاڻ اندر عجيب ڪيفيت محسوس ڪن ته ان جي ٽيسٽ ڪرائين ۽ بيماري کي لڪائڻ نه گهرجي. هن ٻڌايو آهي ته کيس پهرين اسٽيج واري گريڊ ٿري جو ٽيومر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو