ادارا آئيني حدون اورانگهيندا ته مخالفت ڪنداسين، ڪائره

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته رياستي ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن کي مضبوط به ڪرڻ چاهيون ٿا پر جڏهن هو پنهنجي آئيني حدن کي پار ڪري سياست ۾ مداخلت ڪندا ته مخالفت ڪنداسين. اهرو اظهار هن لاهور ۾ جمع تي سام جو دير سان عورت ونگ پاران آصف علي زرداري جي سالگرهه جي نسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ثمينه خالد گهرڪي ۽ چوڌري منظور به موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته سزا يافته قيدي جي به ميڊيا سان ڳالهائڻ تي پابندي نٿي مڙهي سگهجي ته موجوده حڪومت انڊر ٽرائل قيدي تي پابندي ڪيئن ٿي مڙهي سگهي. هن چيوته هڪ پاسي ميڊيا تي پابندي آهي ۽ بدترين سينسرشپ لاڳو آهي ته ٻئي پاسي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صهافين کي برطرف ڪيو ٿو وڃي. هن مطال ڏيندي چيو ته تحريڪ پاڪستان وقت جيل مان بيان ايندا هئا، هن چيو ته جيڪا حڪومتي ڌر ڪالهه تائين پرتشدد احتجاج ڪندي ڌرڻا هڻندي رهي اها اپوزيشن تي جلسا ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري رهي آهي، اهو ٻٽو معيار آهي. ڪالهه جمع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پارٽي قيادت جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ 64 هين سالگرهه ملهائي وئي. اسلام آباد بار ڪائونسل م ٿيل تقريب م وڪيل ۽ جيالا وڙهي پيا ۽ ڪيڪ جا پيس هڪ ٻئي کي هڻي حرام ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو