احمد علي شيخ جو حلف کان انڪار، وڪيلن جي سنڌ ۾ هڙتال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جَي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي حلف کڻڻ کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هو اڱاري تي اسلام آباد وڃڻ بدران سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، چيف جسٽس احمد علي شيخ حلف کڻڻ لاءِ اسلام آباد نه ويو، کيس اڄ صبح 9 وڳي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻو هو، ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ سينيارٽي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، ميرپورخاص، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو