احمد علي خان جي چونڊ مهم تيز،روڊ بابت سوال ڪندڙ کي ڪٽڪو

خانپورمهر/ عالپور/ سوسائٽي(نمائندن وٽان) اين اي 205 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ آزاد اميدوارن احمد علي خان مهر ۽ ضلعي چيئرمين ۽ علي گوهر خان جي پٽ حاجي خان مهرمختلف ڳوٺن جا دورا ڪري مختلف برادرين کان ووٽ گهريو. شهيدن جي ڳوٺ ۾ نوجوان امان الله مهر کانئن سوال ڪيو ته اوهان جو خاندان وڏي عرصي کان اقتدار ۾ آهي هن مهل تائين روڊ رستا تباهه آهن، اهي ڪڏهن ٺهندا تي سندن حامي مڇرجي پيا ۽ مختيارڪار نذير مهر جي بڇ تي نوجوان کي اميدوارن جي موجدگي ۾ ڪٽڪو ڏنو ويو. جنهن بعد بدمزگي سبب ٻئي خان روانا ٿي ويا. بعد ۾ ڳوٺ عارب مهر پهتا ته اتي به هڪ نوجوان شاهد علي مهر کائن روڊن جي تباهي بابت سوال ڪيو ته ميزبان کيس دڙڪا ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. جنهن بعد گرمي ۽ نوجوانن جو سواليه موڊ ڏسي تڪڙ ۾ روانا ٿي ويا. احمد علي خان ۽ حاجي خان جن ڳوٺن جو طوفاني دورو ڪيو انهن ۾ لاکو لنجاري ، ڳوٺ ستارو مهر المعروف شهيدن، ڳوٺ عارب مهر، ڳوٺ راضو مهر ،صالح مهر، ڳوٺ وريام چاچڙ، ڳوٺ حاجي جيئند چاچڙ، ڳوٺ سونو مهر، ڳوٺ بهاول جسڪاڻي، ڳوٺ وزير احمد چاچڙ ۽ ٻين جا دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون، ان موقعي تي مهر ،لنجار ،آرائين ،چاچڙ، جسڪاڻي ۽ ٻين مختلف برادرين آزاد اميدوارن جو استقبال ڪيو ۽ ووٽن جي به خاطري ڪرائي. مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي آزاد اميدوار احمد علي خان مهر چيو ته اسان جي سامهون اليڪشن وڙهندڙ ڌر 2007 ۾ گهوٽڪي شهر تي حملو ڪري ڦرلٽ ۽ شهر کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان وقت منهنجي چاچي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر گهوٽڪي جي عوام جي تحفظ لاءِ بهادري سان ميدان ۾ اچي ويو ۽ ڦورن ۽ لٽيرن کي ڀڄائي گهوٽڪي شهر کي تباهه ٿيڻ کان بچايو هو. ساڳئي ڌر اڄ  پارٽي جي حڪم تي فوتگي جي سيٽ تي سياست ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي کان پوري سنڌ حڪومت سميت عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ گهوٽڪي آيا آهن پر مهر خاندان سان وڙهڻ لاءِ پهتل مفاد پرست ماڻهن کي گهوٽڪي جو باشعور عوام چڱي ريت سڃاڻي ٿو انشاءُ الله 18 جولاءَ تي عوام انهن ڍنڍ جي پکين کي ڀڄائي ڇڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو