احسن اقبال تي فرد جرم لاءِ تاريخ مقرر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد جي احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ڪيس ۾(ن) ليگي اڳواڻ احسن اقبال تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 22 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال سمورن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته عمران خان پنهنجي فائدي جي لاءِ نيب کي کلي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته نيب چيئرمين ۽ اعليٰ آفيسرن جي اثاثن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.  پاڪستان جي انتظامي مشين جام ٿي چڪي آهي. مذڪوره ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو جو موقف آهي ته اسپورٽس سٽي جي تعمير ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو. احسن اقبال تي الزام آهي ته هن قانون جي خلاف 3 ارب روپين جو منصوبو نارووال ۾ شروع ڪيو. مذڪوره ڪيس ۾(ن) ليگي اڳواڻ هڪ دفعو ٻيهر نيب آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب به جمع ڪرائي چڪو آهي.احسن اقبال جو موقف آهي ته نيب اهو  ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسپورٽس سٽي ڇو ٺاهيو ويو. نيب ان ڪيس ۾ احسن اقبال کي 23 ڊسمبر 2019 ۾ گرفتار به ڪيو هو.(ن) ليگي اڳواڻ پنهنجي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو ۽ 26 فيبروري 2020  ۾ سندس حق ۾ فيصلو اچڻ تي احسن اقبال کي ازاد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو