احساس پروگرام جو وڏو حصو اندرون سنڌ ۾ ڏيون پيا، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران چيو آھي تھ اندرونِ سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي، تنهن ڪري اپوزيشن ۾ هجڻ باوجود احساس پروگرام ۾ سنڌ کي 34 سيڪڙو پئسا ڏنا، پي ٽي آءِ حڪومت پُٺتي پيل علائقن جي مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان تقريب  کي خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ رستن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي ۽ مهانگا روڊ ٺاهيا ويا، ايف آءِ اي کي اِن معاملي تي جاچ ڪرڻ جو چئي ڇڏيو اٿئون، توهان سوچو ته ماضيءَ جي حڪومتن ۾ ڪنهن گهڻو پئسو ٺاهيو، پهرين روڊ سستا ٺهن ها ته ڪيترو پئسو بچي ها.وزيراعظم وڌيڪ چيو تھ 2013ع جي فرق باوجود اڄ سستا روڊ ٺهي رهيا آهن، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، ڪرپشن جو مطلب عوام جو پئسو ۽ ٽئڪس چوري ڪرڻ آهي، بلوچستان جا سياستدان به پنهنجو ذاتي فائدو ڳوليندا آهن، رڳو ڪوئيٽا ۾ ترقي سان بلوچستان اڳتي نه وڌندو.

پهنجو تبصرو موڪليو