احساس پروگرام جا پئسا نه مليا، مستحق پريشان

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت پروگرام هيٺ غريب ۽ بيواهه عورتن کي مختلف بهانا بڻائي رقم ادا نه پئي ڪئي وڃي. مختلف سينٽرن تي رشوت لاءِ متاثرين کي تنگ ڪيو ٿو وڃي روز پيشيون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ٽنڊو محمد خان مظفر علي بروهي موجب بلڙي شاھ ڪريم  احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن چئين ڏينهن کان پئسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اوڌر تي پني پٽي سٽي ڪرايا ڀاڙا ڀري هتي چئن ڏينهن کان اچون پيا بک اڃ ۾ مارجي هتي پئسن جي آسري تي ويهي ٿڪجي پيا آھيون.

Ehsas Programme, Photo Sindhyar

هنن ٻڌايو ته اسان وٽ واپسي ڪرائي جا پئسا به نه آھن هوندا جنهن ڪري اسين پريشان آهيون. جڏھن ته ٻين سينٽرن تي پئيسا هلي رهيا آھن پر هتي اسان مسڪين بيمار پيرسن عورتن تي ڪو به رحم نه ٿو ڪري هنن ڌرڻي جو چتاء ڏيندي لاڳاپيل کاتي کان گهر ڪئي ته احساس ڪفالت سينٽر بلڙي شاه ڪريم تي جلد پئسا جاري ڪيا وڃن. ***ڳاڙھو مان سلطان  کٽي موجب  احساس ڪفالت سينٽرن ڳاڙھو تي آيل رقم وصول ڪرڻ لاء گذريل 3ڏينهن کان مستحق عورتون دربدر، مستحق عورتن جو ڳاڙهو سينٽر اڳيان احتجاج. عورتن جو چوڻ آهي ته اسان 3 ڏينهن کان سينٽرن جا چڪر هڻي رهيون آهيون، پر ريٽيلر ڪم بند ڪريو ويٺا آهن،ريٽيلر مختلف بهانا ڪري رهيا آھين اصل ۾ ريٽيلرن جي ڪٽوتي واري مسئلي تي پوليس ۽ صحافين سان ڊيل نه پئي ٿئي ان ڪري عورتن کي 3 ڏينهن کان دربدر ڪيو پيو وڃي ان ڏس ۾ ريٽيلرن سان رابطو ڪيو ويو ته سندن چوڻ آهي ته هتي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن پر لوڪيشن جو مسئلو آهي، جيڪا اڃا تائين نه کولي وئي آهي، اسان بغير لوڪيشن جي ڪجهه نٿا ڪري سگهون، مجبور آهيون.  ٻئي طرف احساس ڪفالت سينٽرن تي ٽائون ڪميٽي پاران ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن،  نه پاڻي نه ويهڻ لاءِ ڪرسيون به نه آهن. عورتن جا هجوم هئڻ ڪري ڪرونا وائرس ڦلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو