احساس جي رقم ٻيڻي ڪرائڻ جي چڪر ۾ پورهيت لٽجي ويو

ٽنڊوباگو (رپورٽ  سھيل سمون) ڏيئي شھر جو رھواسي نالي لالو پٽ ميوو جمالي جيڪو گھر واري سان گڏجي احساس ڪفالت جي قسط جا پئسا  12000 ھزار روپيا ڪڍائي نيشنل بئنڪ ٽنڊوباگو جي ڀرسان ھڪ ٺڳ ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪندي کين ڊبل قسط وٺي ڏيڻ جي بھاني سان روڪ رقم 12000 ھزار ڪڍي ويو, متاثر ٿيل عورت راڻي جي مڙس لالو جمالي احتجاج ڪندي چيو ته ٺڳ مون کي ٿوري دير لا۽ بئنڪ اندر وٺي ويو جنھن بعد مون کي ھن چيو ته تون وڃي تنھنجي گھر واري ۽ تنھنجو شناختي ڪارڊ فوٽو ڪاپي ڪرائي اچ  آئون سندس اھڙي لالچ ۾ اچي شھر اندر فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لا۽ نڪتس ته پويان بئنڪ ٻاھران گھر واري کي اھو چئي سموري رقم کڻي فرار ٿي ويو ته بئنڪ ۾ اوھان جا کاتا ٿو کولرايان ھن احتجاج ڪندي روئيندي چيو ته آئون مسڪين آھيان منھنجي مدد ڪريو آئون ھاڻي ايندڙ ھفتي  ٿيندڙ عيد ڪٿان ملھايان ۽ ٻچن کي ڪپڙا ڪٿان وٺي ڏيان. اھڙو اطلاع ٽنڊوباگو ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو