مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ زرداري عدالت طلب

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي طلب ڪري ورتو آهي.احتساب عدالت اسلام آباد جي جج اصغر علي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد عدالت جي آڏو پيش ٿيو. احتساب عدالت ايندڙ  ٻڌڻي تي آصف زرداري کي طلب ڪندي هدايت  ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر ۽ شريڪ جوابدار کي 29 جون تي عدالت جي آڏو پيش ڪيو وڃي.اڳوڻي صدر تي 8 ارب کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي. ريفرنس ۾ ايوان صدر جو اڳوڻو اسٽينو گرافر مشتاق احمد به شريڪ جوابدار نامزد آهي. نيب ريفرنس موجب آصف زرداري جعلي اڪائونٽس جو استعمال ڪري اٺ ارب کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو