احتجاج ڪندڙ صحافين مٿان وڏيري گاڏي چاڙهي ڇڏي

دادو (ن سنڌيار)ڦلجي ۾ قلم ڌَڻين جو احتجاج، بااثر وڏيري گاڏي چاڙهي ڇڏي، صحافين جي نعري بازي، ايوان صحافت پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جي جنرل سيڪريٽري، ايس جي سي تعلقي دادو جي عهديدار صحافي سجاد الرحمان پنهور جي والد رٽائرڊ استاد عبدالرحمٰن پنهور، چاچي غلام ياسين پنهور، ڀائرن شفيق الرحمٰن، عتيق الرحمٰن تي حملي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايوان صحافت جي صدر رانا نصرالله، جنرل سيڪريٽري سجاد الرحمٰن پنهور، محمد يعقوب کهرو، علي رضا سولنگي، رپورٽر قربان شهباز، صحافي غلام حيدر پنهور، شير منگي، تنوير ميمڻ ۽ ٻين قلم ڌڻين حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ ويٺل قلم ڌڻين تي مقامي بااثر وڏيري ولي محمد پنهور پنهنجي پيجارو گاڏي چاڙهي ڇڏي ۽ قلم ڌڻين کي گٿا لفظ ڳالهايا، جنهن خلاف صحافين نعري بازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي قلم ڌَڻين چيو ته ڳوٺ بلاول پنهور ۾ گهٽي جي معاملي تان سياسي اثر رکندڙ ماڻهن صحافي سجاد پنهور جي والد، چاچي ۽ شهر کان ٻاهر رهندڙ ٻن ڀائرن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ ايس ايڇ او ڦلجي اختر لاشاري مڪمل طور تي بااثرن جي ونگار وهي رهيو آهي، گهٽي معاملي جو ڪورٽ فيصلو ڏنو ته گهٽي خالي ڪئي وڃي ان ڏينهن صحافي جي گهر تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ سندس عزيز آفتاب پنهور گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، هنن دانهيو ته ڦلجي پوليس حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ بدران صحافين جي گهر ڀاتين تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، قلم ڌڻين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ سيشن جج دادو کان مطالبو ڪيو تہ احتجاج جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڌرڻي تي گاڏي چاڙهيندڙ بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي پڻ ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو