احتجاج جو حق نه کسينداسين پر قانون جي دائري ۾ رهڻو پوندو، مراد شاھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير چيو آھي تھ پرامن احتجاج جو هر ڪنهن کي حق آهي، اسان پرامن احتجاج لاءِ پاڻ سهولت ڏني هئي ، 36 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، وڊيوز موجود آهن، ڪنهن اهڙي ماڻهو کي شڪ جي بنياد تي گرفتار نه ڪنداسين، جيستائين مناسب ثبوت نه هجن، ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملوث نه هئا پر نامزد ٿيا، اُنهن کي گرفتار ئي نه ڪيو، جاچ ۾ اُنهن جا نالا ڪڍيا ويا، ڪجهه ماڻهن ضمانت ورتي آهي، عدالتي فيصلن جو احترام ڪندي اُنهن کي هٿ نه ٿو لڳايو وڃي، هن صوبي تمام گهڻو خراب وقت ڏٺو آهي، هن صوبي جي ماڻهن کي 80 ۽ 90 جو وقت به ياد هوندو، اهڙو ماحول قائم ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙي صورتحال مان فائدو وڻن نه ڏينداسين، احتجاج جو حق نه کسينداسين پر قانون جي دائري ۾ رهڻو پوندو، هائوس ايجنسيز کي به پابند ڪنداسين ته اُهي مقامي ماڻهن کي نوڪري ڏئي، توهان روڊن تي اچي پاڪستان خلاف نعرا هڻندئو ته توهان ۽ متحده لنڊن جي سربراهه ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو؟ ڪنهن جي چوڻ ۾ نه اچو، جيڪا به هائوسنگ اٿارٽي ۽ ايجنسي آهي، سنڌسرڪار اُڻ کي دائري کان ٻاهر نه وڃڻ ڏينداسين، ھن چيو تھ سپريم وڪرٽ ۾ جيڪا پئسا بحريه جا ڦاٿل آهن، اُهي ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ اسيمبلي فيصلو ڪري سگهي ته اُهي ڪٿي خرچ ڪرڻا آهن ، جڏهن پئسا ايندا ته سنڌ حڪومت اسيمبلي کي تجويز ڏيندي ته ملير جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ خرچ ڪيا وڃن ، اسان جو قطعي ڪو به سياسي مقصد ناهي صورتحال مان فائدو وٺندڙ بحريه پهچي ويا، اهڙن ماڻهن لاءِ اڳواٽ قدم کڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو