اتر سنڌ ۾ به ڪڻڪ ۾ لابارا شروع، مرڪز نه کليا

سوسائٽي (غلام رسول مھر)ڏکڻ سنڌ کانپوءِ اتر سنڌ ۾ به ڪڻڪ ۾ لابارا ڌڙا ڌڙ شروع ٿي ويا آهن.گهوٽڪي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ به لابارا جاري آهن. آس پاس جي علائقن  ۾ ڪڻڪ جو فصل تيزي سان لھڻ شروع ٿي ويو، خريداري مرڪز  کلي نه سگھيا، آبادگار سخت پريشان خريداري مرڪز نه کلڻ سبب ڪڻڪ واپارين کي سستي اگهه ۾ ڏيڻ تي مجبور ،غريب ھارين،آبادگارن کي لکين رپيه نقصان جو خدشو، جلد فوڊ سينٽر کولرائي آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي، سوسائٽي ۽ آس پاس جي مختلف ڳوٺن شھيدن مھر، محمد اسماعيل مهر، نباهو چاچڙ، نئون آباد،صالح مھر،عارب مھر ،ستارو مھر،لاکو لنجاري،دڙي،قاضي بادل مھر،جواري شاھ سميت ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جو لابارو تيزي سان لھڻ شروع ٿي ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو